دوارڪا پرساد روچيرام شرما

دوارڪا پرساد روچيرام شرما: مشهور اديب ۽ صحافي دوارڪا پرساد روچيرام شرما جو پٽ هو ۽ دادوءَ جو رهاڪو هو. سندس جنم 13 سيپٽمبر 1898ع تي ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو ۽ مطالعي جو بيحد شوق هيس، هن دادو کان 1933ع ۾ ’پرتاب‘ نالي هڪ سنڌي اخبار جاري ڪئي، جيڪا ڪيترو وقت جاري رهي. هيءَ پنجويهن کن ڪتابن جو ليکڪ آهي، جن مان (1) ’سنڌ جو پراچين اتهاس‘ (1932ع) ۽ (2) ’گيتا رهسيه‘ (1932ع) قابل ذڪر آهن. هيءُ ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو ۽ جلد ئي لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ دوارڪا پرساد روچيرام شرماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو